ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جوڊيشل مئجسٽريٽ ڏکڻ جي عدالت ايف آءِ اي سائبر ڪرائيم جي اڳوڻي ڊپٽي ڊائريڪٽر عبدالغفار کي 4 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي ايف آءِ اي حوالي ڪري ڇڏيو، ڪيس جي جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته ايف آءِ اي جي اڳوڻي ڊپٽي ڊائريڪٽر عبدالغفار خلاف اينٽي مني لانڊرنگ تحت ڪيس داخل ڪيو آهي، ان موقعي تي جوابدار جي وڪيل ايڊووڪيٽ خواجه شمس اسلام چيو ته مني لانڊرنگ ڪيس وفاقي حڪومت جي اجازت سان سيشن جج جي منظوري کانپوءِ داخل ڪيو ويندوآهي، ڄاڻايل جوابدار تي هڪ ئي الزام هيٺ ٻيو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. هن چيو ته عبدالغفار هڪ ڪيس ۾ ضمانت تي آهي، ايف آءِ اي کيس غير قانوني طور تي گرفتار ڪيو آهي. ان موقعي تي جوابدار عبدالغفار عدالت ۾ پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرائيندي چيو ته ايف آءِ اي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر محمد علي ابڙو ڪارروائي ڪرائي آهي، هن چيو ته هڪ ڪيس جو رڪارڊ نه ڏيڻ تان منهنجي خلاف ڪوڙو ڪيس داخل ڪرايو ويو آهي. هن چيو ته مون کي چيو ويو ته فيض الله ڪوريجو ۽ سلطان خواجا خلاف شاهدي ڏني ته توکي عبرت جو نشان بڻايو ويندو، جنهن ڪمپني کان رشوت وصول ڪرڻ لاءِ چيو پيو وڃي، انهي جو منهنجي خلاف هڪ ثبوت به ناهي، جڏهن انهن کي لڳو ته مان هڪ ڪيس مان آزاد ٿي ويندس ته انهن ٻيو ڪيس ٺاهي ڇڏيو.