اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ڊويزنل بينچ سينيٽ ۾ اپوزيشن اڳواڻ يوسف رضا گيلاني جي سينيٽ چيئرمين جي چونڊ دوران ٿيل ڌانڌلي خلاف انٽراڪورٽ اپيل تي وفاقي حڪومت، پرزائيڊنگ آفيسر مظفر شاهه ۽ چيئرمين صادق سنجراڻي کي هڪ مهيني ۾ جواب جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، ڪالهه جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس طارق محمود جهانگيري تي ٻڌل بينچ آڏو چيئرمين سينيٽ جي طرف کان بيرسٽر علي ظفر پيش ٿيو، جنهن جواب داخل ڪرڻ لاءِ مهلت طلب ڪئي، جسٽس عامر فاروق چيو ته هاءِ ڪورٽ جي سنگل بينچ هڪ قانوني سوال تي درخواست رد ڪئي هئي، ان اهو نه چيو هو ته ووٽن تي مهرون ٺيڪ لڳل آهن يا نه، سنگل بينچ اهو چيو ته هي مامرو هن عدالت ۾ ٻڌي نه ٿو سگهجي، هي عدالت پهريون ٻڌڻ جوڳو هئڻ يا نه هئڻ بابت ڪارراوئي ڪندي، جنهن کان پوءِ عدالت اٽارني جنرل کي معاونت لاءِ نوٽيس جاري ڪندي ٻڌڻي 26 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.