لاهور (م ڊ) لاهور جي ڪمشنر ڪيپٽن (ر) محمد عثمان ۽ سي سي پي او غلام محمد ڊوگر پنجاب جي گادي واري شهر لاهور ۾ ڪورونا ايس او پيز تي سختي سان عملدرآمد ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي. ڪمشنر لاهور چيو ته لاهور ۾ ڪورونا ضابطن تي عمل جو جائزو وٺڻ لاءِ روزانو 4 بجي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جو فليگ مارچ ٿيندو، ماسڪ نه پائيندڙن کي جيل ۾ وڌو وڃي.