فيض گنج/ ڪوٽ لالو (ن پ ا) ڪوٽ لالو ۾ 29 مارچ تي پيش آيل خوفناڪ حادثي ۾ فوت ٿيل هڪ ئي خاندان جي ڇهه شاگردن سميت ست فوتين جي وارثن وٽ وين ڊرائيور ناوند ڪٻر ۽ الطاف ڪٻر ڌر ٺاھ لاءِ منٿ ميڙ قافلو ڳوٺ حسين بخش مري وٺي پهتي، قافلي ۾ عورتون، مرد ٻارڙا شامل هئا، شاگردن جي وارثن منٿ ميڙ قافلي کي ڀرپور موٽ ڏني. متاثر ڌر پاران قافلي ۾ نياڻين کي چادرون پارايون ويون ، 5 ڏينهن جي مهلت گهري.ان موقعي تي ميڙ منٿ ڪري پهتل عورتون شاگردن جي وارثن کي چيوته اسان نياڻيون پاڪ ڪتاب سميت معصوم نياڻيون ساڻ ڪري پهتيون آهيون اسان جي اوهان سان ڪابه دشمني نه هئي حادثو اتفاقي طور ٿيو هو اسان کي معاف ڪيو، اسان اوهان جي ڏک ۾ برابرا جون شريڪ آهيون ان موقعي تي 6شاگردن جي وارثن ميڙ منٿ پهتل عورتون کي جواب ڏيندي چيوته اسان ڏک ۾ ورتل آهيون برادري جي چڱن مڙسن سان صلاح مشورا ڪيون ۽مولوين کان واقعي بابت فتويٰ وٺون اهي ڇاٿا چون 5ڏينهن اندار اوهان کي جواب ڏينداسين. جڏھن ته حادثي جو مک جوابدار وين سروس مالڪ مرتضيٰ ڪُٻر اڃا پنهنجيهٺ ڌرمي تي قائم آھي. مرتضي ڪٻر نه ئي ڪو ان جو ماڻھو مهينو گزرڻ باوجود حادثي جي فوتين جي وارثن وٽ تعزيت لاءِ به لڙي نه آيو آھي. فوتي ٻارڙن جي والد عطاحسين مري ٻڌايو ته سنڌ جي ثقافت آھي نياڻين کي مان ڏيڻ، توڙي جو درد سان ڀريا پيا آھيون پر نياڻيون تڏي تي آيون آھن انهن لاءِ لک عزتون آھن. هن چيوته واقعي جو مک جوابدار غلامرتضيٰ ڪٻر جو ڪوبه ماڻهو نه آيو هو هو اسان کي ڪيس تان هٿ کڻڻ جون ڌمڪيون موڪلي رهيو آهي ان سان ڪوبه ٺاهه نه آهي اهو معصوم شاگردن جو قاتل آهي. واضح رهي ته لڳ ڀڳ مهينو اڳ ۾ ڪوٽ لالو ويجهو مهراڻ نيشل هاءِ وي تي ويگن مٿان چڙهي وڃڻ ڪري 6 شاگرد سميت 7 ڄڻا فوت ٿيا هئا. فوتين ۾ برسات علي، انتظار، حبدار، مظفرعلي، مظهر مري، علي جان مري، امتياز علي مري شامل هئا.