جده (م ڊ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مافيا کان ملڪ کي آزادي ڏيارڻ جي جنگ وڙهون پيا، جلد نئين پاڪستان جي خوشخبري ڏينداسين، ڏکئي وقت ۾ جيڪڏهن سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارات اسانجي مدد نه ڪن ها ته پاڪستان جو ڏيوالو نڪري وڃي ها، مشڪل وقت گذري ويو، هاڻ تبديلي کي ڪير روڪي نه ٿو سگهي. جده ۾ روشن ڊجيٽل اڪائونٽ جي تقريب ۾ پاڪستاني برادري کي وزيراعظم عمران خان چيو ته سعودي عرب جي پاڪستاني برادري کي وڏي عرصي کان سڃاڻان ٿو، ڏيڍ سال کان اطلاع ملي رهيا هئا ته هتان جا سمنڊ پار پاڪستانين کي سفارتخانو صحيح خدمتون فراهم نه ڪري رهيو هو، ان مسئلي جي حل لاءِ قدم کنيا. هن چيو ته روشن ڊجيٽل اڪائونٽ جا نتيجا اسانجي سوچ کان وڌيڪ سامهون آيا، 90 لک سمنڊ پار پاڪستاني اسانجو وڏو اثاثو آهن. وزيراعظم چيو ته سعودي عرب اسان لاءِ تمام گهڻو اهم آهي، سعودي عرب وڏي مشڪل وقت ۾ پاڪستان جي مدد ڪئي، سعودي هميشه ڏکئي وقت ۾ اسانجو ساٿ ڏنو آهي، ڏکي وقت ۾ جيڪڏهن 2 ملڪ سعودي ۽ يو اي اي ساٿ نه ڏين ها ته پاڪستان جو ڏيوالو نڪري وڃي ها، عمران خان چيو ته اسانجي پاڙيسري ملڪن جي ايڪسپورٽ ڪِري رهي هئي ته پاڪستان جي امپورٽ وڌي رهي هئي، مشڪل وقت مان نڪري آيا آهيون، اڳتي روشن مستقبل نظر اچي رهيو آهي. وزيراعظم عمران خان وڌيڪ چيو ته پاڪستان لاءِ فيصلائتو وقت آهي، هڪ طرف مافيا آهي جيڪا اسٽيٽس ڪو کي بچائڻ لاءِ سرگرم آهي، جڏهن ته ٻئي پاسي اسان آهيون ۽ اسان سان گڏ عوام آهي، هاڻ پاڪستان ۾ تبديلي کي ڪير به روڪي نه ٿو سگهي. ملڪ کي مافيا کان آزادي ڏيارڻ جي جنگ وڙهون پيا، انشاءُ الله جلد نئين پاڪستان جي خوشخبري ٻڌائينداسين. عمران خان چيو ته ملڪ ۾ مافيا ويٺي آهي، جيڪا پراڻي نظام کي بچائڻ چاهي ٿي، قانون جي حڪمراني وارو ملڪ ترقي ڪندو آهي، جتي قانون نه هجي اهو معاشرو ڪڏهن ترقي ناهي ڪندو، اسان جي جدوجهد قائد اعظم جي سوچ واري پاڪستان لاءِ آهي، پراڻو اسٽيٽس ڪو ۽ مافيا هڪ ٿي ويا آهن پر مافيا ڪامياب نه ٿيندي، تبديلي ضرور ايندي. جيڪي ملڪ وسيلن باوجود پوئتي رهجي ويا، ان جو سبب طاقت جي حڪمراني هئي. هن چيو ته ڀارت ۾ ڪورونا وبا جِي ٽين لهر تباهي مچائي ڇڏي آهي، پر اسان انهن ڪجهه ملڪن مان هڪ آهيون، جن ڪورونا کي منهن ڏيڻ سان گڏ عوام ۽ معيشت کي به بچايو.