فريدآباد (ن پ ا) فريدآباد لڳ   ٿڌ لڳڻ سبب معصوم نينگري فوت، ان ڏس ۾  ڳوٺ نور محمد بروھي ۾ ٿڌ لڳڻ سبب 2 ورهين جي نينگريءَ زينت ڌيءَ علي گوھر بروھي فوت ٿي وئي، جڏهن ته نينگريءَ جي فوت ٿيڻ تي سندس جي گھر ۾ ڪھرام مچي ويو. رھواسين ميڊيا کي ٻڌايو ته مها ٻوڏ دوران اسان جا گھر ڊھي پٽ ٿي ويا آهن جنهن ڪري اسان کلي آسمان هيٺ ويٺل آهيون غربت سبب پنهنجا گهر ٺهرائڻ جي سگھه نه آهي ھنن سنڌ حڪومت عالمي ڊونر ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته اسان کي جلد کان جلد گھر ٺهرائي ڏنا وڃن.