سکر: سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ اسڪارپ جي پراجيڪٽ ڊائريڪٽر بريفنگ ڏيندي چيو ته پاڻي جي نيڪالي جي منصوبي تي ڪم ٿي رهيو آهي، جنهن تي هن وقت تائين 38 لک ڊالر خرچ ٿي چڪا آهن. عدالت پڇيو ته پئسا ڪٿي ۽ ڪهڙي پراجيڪٽ تي خرچ ٿيا؟ جنهن تي پي ڊي طرفان عدالت کي مطمئن ڪندڙ جواب نه ڏنو ويو. عدالت چيو ته ضلعن کي ڪيترو سامان مليو ۽ ڪيترو ورهايو ويو اها رپورٽ جمع ڪرائي وڃي. عدالت سٽيزن ڪميٽين ۾ مقامي عورتن کي به شامل ڪرڻ جي هدايت ڪئي.