اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن عام چونڊن لاءِ ناڻي کاتي کان واڌو 14 ارب گهري ورتا، اليڪشن ڪميشن طرفان ناڻي کاتي کي درخواست موڪلي وئي، درخواست ۾ چيو ويو آهي ته عام چونڊن دوران خرچ 47 ارب مان وڌي 61 ارب تائين ٿي ويا آهن، ان لاءِ 14 ارب واڌو چونڊن لاءِ گهربل آهن، پنجاب ۽ ڪي پي اسيمبليز جي چونڊن لاءِ منظور ٿيل 47 ارب مان 25 ارب رپيا فوري گهربل آهن.