سجاول (رپورٽر) سجاول لڳ پاڻيءَ جي کڏ ۾ ڪري ٻه معصوم ٻارڙيون ٻڏي فوت ٿي ويون. ان ڏس ۾ سجاول ويجهو  ڳوٺ ڏتل لغاريءَ ۾ حاجن لغاري ۽ افضل لغاري جون معصوم نياڻيون راند ڪندي پاڻي جي کڏ ۾ ڪري ٻڏي ويون جن کي وارثن سول اسپتال سجاول پھچايو جتي ڊاڪٽرن ٻارڙين جي فوت ٿي وڃڻ جي تصديق ڪئي. ۽ ضروري ڪاروائي بعد ٻارڙين جا لاش وارثن حوالي ڪيا ويا۔ جڏهن تہ ٻن معصوم ٻارڙين جا لاش گهر پهچڻ تي گهرم ۾ ڪهرام مچي ويو۔