نواب شاهه (بيورو رپورٽ) نوابشاهه اسپتال ۾ ڳورهاري عورت ويم دوران فوت، وارثن جو ڊاڪٽرن تي غلط آپريشن ڪرڻ جو الزام، احتجاج، خبر موجب شهر جي غريب آباد واري علائقي  ۾ قائم خانگي ميڊيڪل سينٽر ۾ ڳوٺ نھال خان شر واسڻ 30 ورھين جي ڳورھاري عورت ھزاران خاتون کي ڊليوري لاءِ آندو ويو جتي عورت ويم دوران فوت ٿي وئي، فوتي عورت جي وارثن عامر شر ۽ ٻين خانگي ميڊيڪل سينٽر سامھون احتجاجي مظاهرو ڪندي الزام هنيو ته سندن عورت اسپتال جي ڊاڪٽرن جي غفلت سبب فوت ٿي آهي، هنن ٻڌايو ته عورت کي ويم لاءِ سينٽر داخل ڪيو، جتي ڊاڪٽرن پاران صحيح آپريشن نه ڪيو جنهن ڪري عورت جو رت گھڻو ضايع ٿي ويو ۽ تڙپي تڙپي فوت ٿي وئي، هنن چيو ته خانگي اسپتال جا ڊاڪٽر عورت کي پي ايم سي اسپتال جي ھڪ وارڊ ۾ ڇڏي فرار ٿي ويا، جيڪو انتھائي شرمناڪ عمل آهي، ھنن مطالبو ڪيو ته خانگي ميڊيڪل سينٽر جي انتظاميا ۽ ڊاڪٽرن خلاف جاچ ڪري انصاف ڏياريو وڃي، ٻئي پاسي الزام هيٺ آيل ڊاڪٽرياڻي سان رابطو ڪيو ويو پر هن موقف ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.