سجاول جوڻيجو (ن پ ا ) سجاول جوڻيجو ٿاڻي جي حد ڳوٺ گل ڪلھوڙو ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ زخمي ٿيل امان الله مستوئي ۽ سمندر جروار جو ڪيس داخل نه ٿيڻ خلاف پ پ شهيد ڀٽو اڳواڻ منير احمد بروهي، مستوئي برادري، جروار برادري ۽ وڪيل ساٿي سميت سوين ماڻهو ٿاڻي تي پهتا، ايس ايچ او ۽ وڏو منشي موجوده نه هئڻ ڪري ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار ڪيو ويو.شهيد ڀٽو ايس ايچ او سجاول جوڻيجو سان فون تي رابطو ڪري واقعي جو ڪيس داخل ڪرڻ جو چيو، ايس ايچ او ننڍي منشي کي حڪم ڏنو ته واقعي جي رپورٽ هنن کان لکي وٺ.الهيار مستوئي، منير بروهي، فيض بروهي ۽ منظور لولائي چيو ته سجاول جوڻيجو پوليس ايس ايچ او اصغر جي ونگار وهي ٿي، جوابدارن کي گرفتار نه ٿو ڪيو وڃي. ھوڏانھن ايس ايڇ او سجاول جوڻيجو ٻڌايو ته ايس ايس پي قمبر حڪم ڪيو ته ڪيس داخل ڪندس.