گهوٽڪي (رپورٽر) گهوٽڪيءَ ۾ جسقم اڳواڻ لطيف سنڌوءَ جي ورسي ملھائڻ تان 20 ڄڻن مٿان ڪيس داخل، سرڪار جي مدعيت ۾ درج ڪرايل ڪيس ۾ جسقم اڳواڻ محمد الياس، سانوڻ، حبيب الله گھوٽو، عبدالوھاب سھتو، عمير سنڌو، رشيد سنڌي، وقار گھوٽو، وجاھت ۽ 10 نامعلوم ماڻهن کي نامزد ڪيو ويو آهي. سائين جي ايم سيد جي ويجھي ساٿي ڪامريڊ لطيف سنڌو جي ٽئين ورسي ملھائڻ جي ڏوھ ۾ گھوٽڪي اي سيڪشن ٿاڻي تي دھشتگردي ايڪٽ تحت درج ڪرايل ڪيس ۾ موقف ڄاڻايو ويو آهي ته جسقم ڪارڪنن رياست خلاف نعريبازي ڪئي ۽ ملڪ ٽوڙڻ جا نعرا ھنيا.