ميروخان (رپورٽ: صفر گوپانگ) سجاول جوڻيجو تعلقي جي ڳوٺ گل محمد ڪولاچي ۾ بيٺل برساتي ٻوڏ جي پاڻي ۾ ڪرڻ سبب 3 ورهين جو زوهيب پٽ علي اڪبر ڪولاچي ۽ چاچي خانزادي زال علي حيدر ڪولاچي ٻڏي ويا، جن کي وارثن ٻاهر ڪڍيو ته زوهيب ڪولاچي فوت ٿي چڪو هو، جڏهن ته عورت خانزادي ڪولاچي کي وارث بيھوشي واري حالت ۾ لاڙڪاڻي کڻائي ويا جتي عورت پڻ دم ڏئي ڇڏيو.  هوڏانهن وارثن ٻارڙي جو لاش کڻي نيشنل ھاءِ وي تي جمالي موڙ وٽ رڪاوٽون رکي ڌرڻو هنيو.وارثن عزيز ڪولاچي، سجاد ڪولاچي، نادر ڪولاچي ، فدا ڪولاچي ۽ ٻين ميڊيا اڳيان دانھيندي ٻڌايو ته سم شاخن کي لڳل گھارا بند ڪرڻ لاءِ تڪ جي چونڊيل نمائندن ۽ ايريگيشن عملدارن اڳيان دانهون ڪندا رهياسين پر ڪنهن به داد فرياد نه ڪيو. ٻوڏ جي پاڻيءَ ۾ گلن جهڙو معصوم ٻارڙو ۽ عورت ٻڏي فوت ٿي وئي آهي، جنهن جا ذميوار ايم پي اي گهنور اسراڻ، ايريگيشن آفيسر ۽ يوسي حيدر چانڊيو جو چيئرمين سرفراز چانڊيو آهي.