سڏ ڏنو ته حڪومت برداشت نه ڪري سگھندي: عمران خان

0
214
سڏ ڏنو ته حڪومت برداشت

اسلام آباد: پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان چيو آھي ته سڏ ڏنو تھ حڪومت برداشت نه ڪري سگھندي، عوام جو سمنڊ ٻاهر نڪرندو

تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته  26سالن جي سياست ۾ ڪڏهن به قانون جي ڀڃڪڙي ناهي ڪئي، ھر شئي قانون ۽ آئين جي دائري ۾ رھي ڪري ڪئي

After harassment videos: PTI reschedules Faisalabad jalsa to May 20

عمران خان جو  چوڻ ھو ته دنيا دهشتگردن جي تعريف  ڄاڻي ٿي ان ڪيس جي ڪري دنيا اسان تي کلي رهي آهي، اوهان چوندا هئا ته ٻوڏ تي سياست نه ڪيو، هاڻي پاڻ توهان سياست ڪري رهيا آهيو

تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان وڌيڪ چيو ته  معيشت سنڀلجي نھ پئي، پاڪستان سريلنڪا جي نقش قدم طرف وڃي رھيو آھي، جڏھن مان سڏ ڏيندس تھ حڪومت برداشت نھ ڪري سگھندي

ھڪ سوال جي جواب ۾ عمران خان جو چوڻ ھو ته حڪومت مان صرف صاف ۽ شفاف اليڪشن تي ڳالھ ٿي سگھي ٿي، معيشت جي بھتري جو حل صرف صاف ۽ شفاف چونڊون آھن

تحريڪ انصاف چيئرنين عمران خان وڌيڪ چيو  ته عوامي سمنڊ نڪرڻ وارو آهي، حڪمران پاڻ ٻوڏ تي سياست ڪن ٿا، جيڪي ماڻهو ا پي ٽي آءِ کي سياسي فنڊنگ ڪندا هئا، اُنهن کي هيسايو پيو وڃي، اسان هر شئي آئين ۽ قانون جي دائري ۾ رهي ڪئي

ھن چيو  ته معاشي حالتون خراب هجڻ سبب خاموش هئس، حڪومت سان رڳو شفاف چونڊن تي ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون، آئون ڪال ڏيندس ته حڪومت برداشت نه ڪري سگهندي

ھي به پڙھندا

چور نواز شريف ۽ دهشتگرد الطاف سان مونکي نه ڀيٽيو: عمران خان

عمران خان فوج ۽ حڪومت کي نه پيو هيسائي: شيخ رشيد