ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾وڌيڪ  2 مقابلا، 5 جوابدار زخمي حالت ۾ گرفتار، ان ڏس ۾ موچڪو ٿاڻي جي حد ۾ حب رور روڊ تي اي وي ايل سي ۽ موٽرسائيڪل چورن ۾ مقابلو ٿيو. فائرنگ جي ڏي وٺ بعد جوابدار اسلم عرف ملنگي ۽ سلمان عرف شمريز کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو، سندن قبضي مان 2 پستول،گوليون ۽ چوري ڪيل موٽرسائيڪل هٿ ڪئي وئي. ٻئي طرف ابراهيم حيدري ۾ به اي وي سي سي ۽ جوابدارن ۾ مبينه مقابلو ٿيو. اي وي سي سي دعويٰ ڪئي ته فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ وقار، عدنان ۽ رفيق زخمي ٿي پيا،سندن قبضي مان پستول ۽ 2 موٽرسائيڪلون هٿ ڪيون ويون