اسلام آباد (م ڊ) سنڌ حڪومت وفاق کان رهيل 87 ارب فوري طور ادا ڪرڻ جو مطالبو ڪر ي ڇڏيو، سنڌ جي سڌ سماءَ واري وزير ناصر شاهه پاڻي جي حصي مان ڪٽوتي ۽ صوبي ۾ لوڊشيڊنگ جي شڪايت ڪندي چيو ته اسان سنڌ ڪارڊ نه پاڪستان ڪارڊ جي ڳالهه ڪندا آهيون. پاڻي کان وٺي ترقياتي رٿائن ۾ سنڌ جَي حصي ۾ ڪٽوتي ڪئي وڃي ٿي، سنڌ سان ٿيندڙ زيادتين خلاف ضرور آواز اٿارينداسين. سُڌ سماءَ وارَي وزير ناصر شاهه اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته، هڪ ڪمپني ٺاهي چيو ويو ته سنڌ ۾ فنڊز اُن ڪمپني ذريعي استعمال ڪيا ويندا، ٻڌايو وڃي ته ٻين صوبن لاءِ به اهڙيون ڪمپنيون ٺهيل آهن؟ سنڌ سان واسطو رکندڙ وفاقي وزير وزارتون بچائڻ لاءِ 18هين ترميم کي به رياست اندر رياست قرار ڏئي رهيا آهن، وفاقي پاليسين سبب پي ٽي آءِ کي بدين ۾ اميدوار ئي نه مليو. ناصر شاهه چيو ته سنڌ کي اين ايف سي جي حصي کان هلندڙ سال دوران 87 ارب رپيا گهٽ ڏنا ويا آهن، جيڪي فوري طور ڏنا وڃن، جيڪڏهن واڌو ٽيڪس وصوليون ٿيون آهن ته وفاق سنڌ کي اين ايف سي حصي تحت رهيل پيسا جاري ڪري. هن چيو ته پي ٽي آءِ جِي ناقص پاليسيز سبب سنڌ جو عوام لوڊشيڊنگ جَي عذاب کي به منهن ڏئي رهيو آهي. بحريا ٽائون آڏو ڌرڻي بابت ناصر شاهه چيو ته سنڌ حڪومت مظاهرين کي نه روڪيو، جيڪڏهن روڪَي ها ته ايترا مظاهرين ڪيئن پهچن ها؟ احتجاج جو حق سڀني کي آهي پر بدمعاشي جِي اجازت نه ڏينداسين.