اسلام آباد (م ڊ) وفاق ۾ بجيٽ منظوري جو ٽاسڪ وزيراعظم عمران خان گورنر پنجاب حوالي ڪري ڇڏيو، گورنر چوڌري محمد سرور تحريڪ انصاف ايم اين ايز جي مان ۾ آجياڻو ڏنو، گورنر پنجاب چوڌري سرور چيو آهي ته اپوزيشن خواب ڏسندي رهندي، بجيٽ منظور ٿي ويندي، ق ليگ سميت سمورا اتحاد بجيٽ ۾ حڪومت جو ساٿ ڏيندا.