اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي ۾ حڪومت اڪثريت جي بنياد تي قانونسازي جي طريقيڪار کي بلڊوز ڪندي هڪ ئي ڏينهن ۾ اليڪشن ايڪٽ ۾ ترميم جي بل، ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن کي سزا خلاف اپيل جو حق ڏيڻ سميت 21 بل منظور ڪرائڻ جو پارلياماني رڪارڊ ٺاهي ڇڏيو، حڪومت قومي اسيمبلي جي 80 نقاطي ايجنڊا کي بلڊوز ڪندي رولز کي معطل ڪري بل منظور ڪرايا، اپوزيشن جو ڪيترائي ڀيرا بل پيش ڪرڻ جي 72 ڪلاڪن بعد منظور ڪرڻ واري قانون تي عمل ڪرڻ وارو مطالبو رد، اپوزيشن درخواست ڪئي ته بل ۾ ڇا آهي ايوان ۾ ڪنهن کي خبر ناهي پڙهڻ لاءِ وقت ڏنو وڃي، ان باوجود حڪومت پاران قانونسازي ڪرڻ تي اپوزيشن جو هنگامو، احتجاج، ڪارروائي جو بائيڪاٽ ڪيو، تفصيل موجب قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر اسد قيصر جي صدارت ۾ ٿيو، اجلاس ۾ ڳالهائيندي پيپلزپارٽي جي ميمبر نويد قمر چيو ته حڪومت اڄ قومي اسيمبلي ۾ بل پيش ڪري رهي آهي، جن کي اڄ ئي رولز معطل ڪري منظور ڪرائڻ چاهي ٿي، بلن کي بنا پڙهڻ جي هي منظور ڪرائڻ چاهين ٿا، ڇا قومي اسيمبلي جو اڄ آخري ڏينهن آهي؟ ڇا بجيٽ بعد اسيمبلي ٽوڙي ويندي؟ پارلياماني مامرن جي صلاحڪار بابر اعواڻ مخالف ڌر جي اعتراضن کي غلط قرار ڏيندي چيو ته چونڊ ايڪٽ جي منظوري ۾ هنن ڪاميٽي اندر 9 مهينا لڳايا، نواز ليگ جي احسن اقبال چيو ته اڄوڪي اجلاس جي 80 نقاطي ايجنڊا آهي، ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن ياديو کي رليف ڏيڻ لاءِ بل منظوري لاءِ رکيو ويو آهي، هڪ شخص لاءِ قانونسازي ڪرڻ لاءِ آئين اجازت نه ٿو ڏئي، موجود قانون تحت فوجي عدالتن جي سزا خلاف اپيل داخل ٿي سگهي ٿي پوءِ هي قانون ڇو ٿو منظور ڪرايو وڃي، ڪلڀوشن ياديو تي عالمي عدالت انصاف جي فيصلي تي عمل لاءِ حق نظرثاني جو بل آرڊيننس 2020ع منظور ڪرڻ بابت وفاقي وزير فروغ نسيم چيو ته ڀارت جي ناپاڪ ارادن خلاف هي بل آندو آهي، جيڪڏهن هي قانون نه آڻينداسين ته ڀارت سلامتي ڪائونسل وڃي ها، بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڪلڀوشن کي اين آر او ڏيڻ هو ته آرڊيننس ڇو آندو؟ رات جي اوندهه ۾ آرڊيننس ڪڍيو، اوهان ڪلڀوشن کي وڪيل ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، اوهان پاڻ کي ڪشمير جو وڪيل چوندا هئا ڪلڀوشن جا وڪيل بڻجي ويا، اسان کي ٻڌڻ، ڳالهائڻ ۽ بل پڙهڻ نه ڏيندا ته اها زيادتي هوندي، زبردستي بل پاس نٿا ٿي سگهن گڏ کڻي هلڻو پوندو، جيڪڏهن اوهان ڳالهيون ڪندا ته اسان سهڪار ڪنداسين، جڏهن ته پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ بلاول چيو ته بل پڙهڻ جو حق ناهي، بل تي بحث جو حق ناهي، پنهنجي ووٽ جي ڳڻپ ڪرائڻ ۽ اختلاف رڪارڊ تي آڻڻ جو حق ناهي، قانونسازي تي پارليامينٽ جو ڪردار مڪمل طور مجروح ڪيو ويو، اهو انتهائي قابل مذمت آهي، اليڪشن ايڪٽ ۾ ترميم ۽ ڪلڀوشن کي اين آر او ڏيڻ جي بل کي زوري منظور ڪرايو ويو، قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته ڪلڀوشن تي اسان عالمي عدالت جي فيصلي تي عمل ڪري رهيا آهيون، ڀارت چاهي ٿو ته پاڪستان عالمي عدالت انصاف جي فيصلي تي عمل نه ڪري، اپوزيشن به اهو چاهي ٿي، اپوزيشن ڀارت جي ٻولي ڳالهائي رهي آهي، قانونسازي جو چئو ته واڪ آئوٽ ڪري وڃن ٿا، قومي اسيمبلي ۾ احسن اقبال ۽ فروغ نسيم آمهون سامهون ٿي ويا، احسن اقبال چيو ته ڪالهه تائين ڪلڀوشن جو نالو کڻڻ ڏوهه هو، انهي لاءِ قانون منظور ڪرائڻ ثواب ڪيئن ٿي ويو، مقدس ايوان ۾ جاسوس لاءِ خصوصي قانونسازي جي اجازت نه ڏينداسين، ان جي قانون ۾ ڪا گنجائش ناهي ته ملٽري ڪورٽ جي موت جي سزا تي هاءِ ڪورٽ نظرثاني ڪري سگهي ٿي، قانون واري وزير فروغ نسيم چيو ته احسن اقبال اها ڳالهه ڪري رهيو آهي، جيڪا ڀارت چاهي ٿو، ان جو مطلب آهي ته هنن عالمي عدالت انصاف جو فيصلو ئي ناهي پڙهيو، اهو اسان سڀني لاءِ شرم جوڳو آهي، جيڪڏهن ڀارت عالمي عدالت ۾ پاڪستان خلاف هيل تائين ڪا ڪارروائي ناهي ڪئي ته ان جو ڪارڻ هي آرڊيننس آهي، قانون نه آڻينداسين ته عالمي عدالت ۾ اسان خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي ٿي سگهي ٿي، شاهه محمود قريشي چيو ته ڪلڀوشن ياديو جي ڪهاڻي اسان نه هنن بگاڙي، مخالف ڌر ڀارت جي ٻولي ڳالهائي رهي آهي، راجا پرويز اشرف چيو ته پرڏيهي وزير جي اهڙي گفتگو ايوان جي توهين آهي، اڌ پاڪستان جا ووٽ حڪومت کي ۽ اڌ پاڪستان جا ووٽ مخالف ڌر کي مليا، پرڏيهي وزير ڇا اهو چوڻ چاهي ٿو ته اڌ پاڪستان ڀارت سان گڏ بيٺل آهي، ائين اڪثريت راءِ سان ڪلڀوشن کي سزا خلاف اپيل ۽ قونصلر رسائي جو حق ڏيڻ جو بل منظور ڪري ورتو، جڏهن ته قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن جي گوڙ باوجود اليڪشن ايڪٽ 2017ع ۾ ٻي ترميم وارو بل اڪثريت راءِ سان منظور ڪيو ويو، اپوزيشن ميمبرن احتجاج ڪندي اسپيڪر جَي روسٽرم جو گهيراءُ ڪري ورتو، ان موقعي تي مخالف ڌر جيڪو ڀارت ۽ ڪلڀوشن جو يار آ غدار آ غدار آ، ڪلڀوشن کي ڦاهي ڏيو جا نعرا لڳايا، اپوزيشن پاران ڪوروم جِي نشاندهي تي ڊپٽي اسپيڪر ڪاوڙ ۾ اچي ويو، قاسم سوري چيو ته اوهان مونکي تنگ ڪري رهيا آهيو، هن ڪورم جِي نشاندهي رد ڪري ڇڏي ۽ چيو ته هاڻ ئي ته ڳڻپ ڪرائي آهي. جڏهن ته گودار پورٽ اٿارٽي بابت ترميمي بل، قومي جهاز راني ڪارپوريشن ترميمي بل، بجلي جِي پيداوار ۽ ڪي اليڪٽرڪ بابت به ترميمي بل منظور، ميري ٽائيم سڪيورٽي ايجنسي، صحت بابت قومي اداري، فيڊرل ميڊيڪل ٽيچنگ انسٽيٽيوٽ سميت مختلف ترميمن جا 21 بل ڪرائي ورتا، لڄالٽ واقعن جَي خاتمي بابت بل 2020 به اڪثريت راءِ سان منظور ڪيو ويو، قادر پٽيل اجلاس دوران چيو ته، اڄ پارليامينٽ جو ڪارو ڏينهن آهي، ڪارروائي جو بائيڪاٽ ڪريون ٿا، ائين مخالف ڌر 8 بلن جي منظوري کان پوءِ اجلاس جو بائيڪاٽ ڪيو، ان کان پوءِ باقي بل حڪومت آساني سان منظور ڪرائي ورتا. هوڏانهن قومي اسيمبلي ۾ گڏيل اپوزيشن ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري خلاف بي اعتمادي جي رٿ جمع ڪرائي ڇڏي، بي اعتمادي رٿ تي اپوزيشن جي سمورن ميمبرن جون صحيحون موجود آهن،رٿ ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته ڊپٽي اسپيڪر اڄوڪي سيشن دوران قائدن ۽ ضابطن ۽ جمهوري قدرن جي لتاڙ ڪئي، اپوزيشن کي ايوان جي نمائندگي ڪرڻ ۽ ڳالهائڻ جي حق کان محروم ڪيو ، رٿ ۾ چيو ويو ته اهي قانون بل جيڪي لاڳاپيل ڪاميٽين کي نه اماڻيا ويا انهن کي سڌي ريت منظور ڪيو ويو، رٿ ۾ چيو ويو ته اپوزيشن جي قانونسازي جي مخالفت ۽ ڪورم جي نشاندهي کي نظرانداز ڪيو ويو، ڊپٽي اسپيڪر بطور حڪومتي سهولتڪار قانونسازي جو عمل بلڊوز ڪيو، ڊپٽي اسپيڪر 11 ڀيرا حڪومتي طرفداري ڪئي.