ميرپور ساڪرو(ن پ ا)ميرپور ساڪري ۾ مسئلا وڌي ويا آهن، برساتن کان پوءِ مڇرن ۾ واڌ ٿي آهي، جڏهن ته  غلام الله روڊ ڪافي وقت کان نه ٺهي سگھيوآهي. ان ڏس ۾ ميرپور ساڪرو شھر کان غلام الله ويندڙ مين روڊ جو ٻ ڪلو ميٽر رھيل ڪم گذريل ڪيتري  ئي عرصي کان ٺيڪدار اڌ ۾ ڇڏي ويو جنهن سبب ھزارين آبادي رکندڙ ماڻهوَ سخت تڪليفن کي منهن ڏئي رھيا آهن انهيَ سلسلي ۾ پ پ اڳواڻ ڪامريڊ ابراھيم شورو دوست محمد گبول ۽ ٻين صحافين آڏو دانھيندي چيو آهي ته گذريل ڪيتري ئي عرصي کان روڊ جو ڪم رھيل ناهي ٿي سگهيو ٺيڪدار ڪم اڌ ۾ ڇڏي ويو آهي. هنن چيو ته ساڪرو غلام الله روڊ مين شاھراھ آهي جنهن جي زبون حالي سبب عوام سخت پريشان آهي رھيل ٻه ڪلو ميٽر جو ڪم ڪرايو وڃي. هوڏانهن ٽائون ڪاميٽي ميرپور ساڪرو ۽ مختلف يونين ڪائونسلن دٻو کڳاڻ ڪڪڙانڊ سکپور گھگھي ٻھارا سـمڪي ۽ ٻين ۾ مڇرمار اسپري نه ٿيڻ سبب مڇرن جو آزار وڌي ويو مڇرن جي وڌندڙ آزار سبب ڪيترائي ماڻهوَ مليريا گسٽرو ڊينگي ۾ مبتلا ٿي بيمار ٿي پيا آهن.