ميرواھ گورچاڻي (ن پ ا)  ميرواھ گورچاڻي جي مختلف علائقن مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو آهي، جنهن سبب علائقي ۾ مڇرن جو آزار وڌي ويو آهي، ان حوالي سان شهرين پير ضمير شاھ، عباس گورچاڻي ،اسد شاھ ،راڻا جاوید حنيف راجپوت  ،خميسو خاصخيلي ۽ ٻين دانهيندي چيو ته برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب مڇرن جو آزار وڌي ويو آهي، مليريا سميت مختلف بيمارين ۾ وٺجي ويا آهيون، نوٽيس وٺي صفائي ڪرائي برساتي پاڻي نيڪال ڪرائي مڇر مار ڦوهارو ڪرايو وڃي.