فيض گنج (ن پ ا) فيض گنج  بار پاران درخواست داخل، عدالت ڌرين کي طلب ڪري ورتو. خبر موجب فيض گنج تعلقي ۾ برساتن بعد ٿيل تباهي واري صورتحال دوران لاڳاپيل ادارن پاران ذميواريون پوريون نه ڪرڻ خلاف تعلقي بار صدر پاران عدالت ۾ پٽيشن داخل ڪئي وئي، جنهن تي سول  جج فيض گنج ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي 6 آگسٽ تي رڪارڊ سميت طلب ڪري ورتو آهي. تعلقي بار جي صدر اسدالله راڄپر ۽ وڪيل محمد سچل شر پاران داخل ڪرايل پٽيشن کي سول جج فيض گنج ٻڌڻ جوڳو قرار ڏيندي ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا. ڄاڻايل درخواست ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر فيض گنج، مختيارڪار روينيو، ايڊمنسٽريٽر ۽ ٽائون آفيسرز پڪا چانگ ٽائون ڪميٽي، ڪرونڊي ٽائون ڪميٽي، 10 يونين ڪائونسلز جي ايڊمنسٽريٽرز، يوسي سيڪريٽريز، ڊپٽي ڊائريڪٽر زراعت، انچارج وٽرنري اسپتال فيض گنج، ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽ فيض گنج، تعلقي هيلٿ آفيسر ۽ کي ڌر بڻايو ويو آهي، جن کي عدالت 6 آگسٽ تي رڪارڊ سميت پيش ٿيڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي. پٽيشن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته تعلقي هيڊڪوارٽر شهر پڪا چانگ، ڪوٽ لالو، ڀنگو بهڻ، ڪروندي، اڪري چودڳي، حاڪم علي رتڙ، حسين پاتو، عبدالله هيسباڻي سميت ٻين علائقن جي رهواسين جي گهرن جي اندر ۽ رستن تي بيٺل پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو آهي، جنهن ڪري رهواسي توڙي سندن جانور مختلف بيمارين ۾ وڪوڙجي چڪا آهن. گهر ڪِرڻ سبب 5 ٻارڙا فوت ٿي چڪا آهن. ان کان علاوه هزارين ايڪڙن تي بيٺل وونئڻ، ڪمند، گاهه، ڀاڄين جا فصل ۽ باغ تباهه ٿي ويا آهن.