ڳاڙهو (ن پ ا) يوسي جاڙادالي ۾ گوڏي جيڏو برساتي پاڻي بيٺل آهي، جنهن ڪري گيسٽرو جي وبا بي قابو ٿي وئي آهي، جڏهن ته مليريا تي ضابطو نه اچي سگهيو، ڀرپاسي جي علائقن ۾ نانگ بلائون ٻِرن مان نڪري آيون آهن جن ٽن ڄڻن کي ڪکي  وڌو آهي. جن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سول اسپتال مڪلي نيو ويو. مقامي سماجي ساڃاھ وندن مير ممتاز، بچل لاشاري، گل محمد ماڇي، نم خاصخيلي، محمد خان گنبو بلوچ، عرس مڙھائي، رشيد ماڃريو ۽ ٻين ڊي سي ٺٽو ۽ ڊي ايڇ او ٺٽو ۽ٻين وس وارن کان اپيل ڪئي آهي ته يوسي جاڙادالي جي مذڪوره مسئلن جي داد رسي ڪري مقامي ماڻهن مان بي چيني ختم ڪئي وڃي