ساڙهي پاتل عورت کي ريسٽورينٽ ۾ داخل ٿيڻ نه ڏنو ويو

0
352

نئين دهلي(دلچسپ نيوز) ساڙهي پاتل عورت کي ريسٽورينٽ ۾ داخل ٿيڻ نه ڏنو ويو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ڀارتي راڄڌاني نئين دهلي ۾ ايڪولا نالي ريسٽورينٽ ۾ انوکو واقعو پيش آيو، ريسٽورينٽ جي عملي ساڙهي پاتل هڪ عورت کي دروازي وٽ ئي روڪي ورتو ۽ کيس اندر وڃڻ جي اجازت نه ڏني، عورت ريسٽورينٽ جي عملي سان ان معاملي تي بحث ڪيو، جنهن تي انتظاميا کيس جواب ڏنو ته ريسٽورينٽ ۾ رڳو جديد لباس پاتل ماڻهن کي داخل ٿيڻ جي اجازت آهي جنهن تي عورت پڇاڻو ڪيو ته ڪٿي لکيل آهي ته ساڙهي پائي اچڻ جي اجازت نه آهي؟.