عورت سان زيادتي جي ڪوشش، جوابدار کي سڄي ڳوٺ جي عورتن جا ڪپڙاڌوئڻ جي سزا

0
479
عورت سان زيادتي، جوابدار کي

نئين دهلي(دلچسپ نيوز) عورت سان زيادتي ڪرڻ جي ڪوشش جي الزام تي همراهه کي انوکي سزا ملي وئي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ڀارتي عدالت جوابدرا کي سڄي ڳوٺ جي عورتن جا ڪپڙا ڌوئڻ جيانوکي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي. چيو پيو وڃي ته رياست بهار جي ڳوٺ ماجوڙ ۾ 20 ورهين جي لالن ڪمار کي مقامي عدالت آندو ويو جٿي جوابدار تي هڪ عورت سان زيادتي جي ڪوشش ڪرڻ جو الزام لڳايو ويو، جوابدار عدالت آڏو ڏوهه جو اعتراف ڪيو جنهن بعدعدالت جوابدار کي 6 مهينن تائين 2هزار عورتن جا ڪپڙا ڌوئڻ جي سزا ٻڌائي. عدالت جوابدار کي ضمانت تي آزاد ڪيو. واضح رهي ته جوابدار لالن ڪمار ڌوٻي جو ڪم ڪندو آهي.