سارا خان سان فوٽو گرافر جي اڻ وڻندڙ حرڪت: ڪاوڙجي گهر هلي وئي

0
284
سارا خان سان فوٽو

ممبئي (شوبز نيوز) ڀارت جي نامياري اداڪارا سارا علي خان سان فوٽوگرافر اهڙي حرڪت ڪئي جو هو ڪاوڙجي پئي ۽ فوٽو ڪڍرائڻ کانسواءِ ئي گهر رواني ٿي وئي

اداڪارا سارا علي خان فلم سيٽ تان گهر وڃي رهي هئي ته فوٽوگرافرن کيس فوٽو ڪڍرائڻ لاءِ روڪيو ۽ سارا علي خان به سندن عزت ڪندي فوٽو ڪڍرائڻ لاءِ راضپو ڏيکاريو. اداڪارا فوٽو ڪڍرائڻ لاءِ بيٺي ته فوٽوگرافرن کيس گهيري ورتو ۽ پيهه ۾ هڪ فوٽوگرافر کيس ڌڪو ڏئي ڇڏيو

سارا علي خان فوٽوگرافر جو ڌڪو لڳڻ تي ڪاوڙجي وئي ۽ ڪاوڙجي گهر رواني ٿي وئي. رپورٽ موجب اهو واضح ناهي ته فوٽوگرافر اها حرڪت ڄاڻي واڻي ڪئي آهي يا اتفاقي واقعو ٿيو آهي پر اداڪارا جي ڪاوڙ مان لڳي رهيو آهي فوٽوگرافر بدتميزي ڪئي آهي