آمريڪا ۾ وڏين اکين واري ٻلي هڪ ڏينهن لاءِ ميئر بڻجي وئي

0
420
آمريڪا ۾ وڏين اکين

واشنگٽن (انٽرسٽنگ نيوز) آمريڪا ۾ وڏين اکين جي ڪري مشهوري ماڻيندڙ ٻلي هڪ ڏينهن لاءِ ميئر بڻجي وئي آهي. جنڪس نالي ٻلي سوشل ميڊيا تي  پنهنجي غير معمولي اکين جي ۽ پيرن جي ڪري ڪافي مشهور ٿي وئي هئي، هاڻي هن هڪ ڏينهن لاءِ آمريڪي رياست مشي گن جي ڳوٺ “هيل” جي ميئر جي ذميواري سنڀالي

ميڊيا رپورٽن موجب مشي گن جو اهو ڳوٺ هر ڪنهن کي هڪ ڏينهن جي ميئر لاءِ 100 ڊالرن عيوض مقررڪندو آهي. ان ڪري جنڪس کي پهريون غير انساني ميئر بڻائڻ جي اجازت ڏني وئي آهي. جنڪس ڪيليفورنيا ۾ مالڪياڻي ميا سان گڏرهندي آهي، انسٽاگرام تي ٻلي جو سوسل ميڊيا ڪائونٽ به آهي، جنهن تي 4 لک کان وڌيڪ فالوئرز به آهن

جنڪس جي مالڪياڻي ميا ٽوئيٽر تي هڪ ڀوڳ ڪندي لکيو ته جنڪس صدر جي لاءِ به چونڊ وڙهندي. هن چيو ته مون پهرئين جانورن کي ميئر بڻجندي ڏٺو هو، ميڊيا موجب جنڪس کي اڄ 24 اپريل تي ميئر جو حلف کڻايو ويندو ۽ اڄ سڄي ڏينهن لاءِ هوءَ ميئر طور ڪم ڪندي