حيدرآباد: آبپاشي ذريعن موجب شاخ جي جن هنڌن تي پائيپ منظور ٿيل آهن اتي پائيپ لڳائڻ بدران زميندارن کي رعايت ڏيڻ لاءِ واٽر ڪورس جوڙيا پيا وڃن. اهي واٽر ڪورس پائيپن کان وڌيڪ پاڻي کڻي سگهندا جنهن جي ڪري پڻ پڪي ٿيڻ جي باوجود پاڻي شاخ جي پڇڙي ۾ پهچڻ ممڪن نه هوندو. واضح رهي ته اي ڊي پي اسڪيم تحت اها شاخ پڪي ٿي رهي آهي.