حيدرآباد: شاخ جي ڀرسان کڏا لڳڻ جي ڪري پاڻي وهي اچڻ کانپوءِ پڪي ٿيندڙ شاخ کي نقصان جو خدشو به ظاهر ڪيو پيو وڃي. علائقي واسين جو چوڻ آهي ته واٽر ڪورسن کي لوهي پليٽون لڳائڻ بدران اتي باڪس ٺاهي لڳائڻ جون تياريون ڪيون پيون وڃن جڏهن ته اصل ماپ کان وڌيڪ ماپ جا واٽر ڪورس جوڙيا ويا آهن جنهن جي ڪري پڇڙي ۾ پاڻي نه پهچڻ جو خدشو پيدا ٿي پيو آهي.