اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نيب هٿان گرفتاري سبب ڊگهي وقت کانپوءِ قومي اسيمبلي ۾ اچڻ تي اڳوڻي اپوزيشن ليڊر سيد خورشيد احمد شاهه جو پيپلزپارٽي، مسلم ليگ (ن) ۽ مخالف ڌر جي پارٽين جي ٻين ميمبرن شاندار استقبال ڪيو، خورشيد شاهه جيئن قومي اسيمبلي جي ايوان ۾ پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان گڏ آيو ته پيپلزپارٽي، مسلم ليگ (ن) ۽ مخالف ڌر جي ٻين پارٽين جي ميمبرن پنهنجي سيٽن تي بيهي مسلسل ڊيسڪون وڄائي سندس آجيان ڪئي، ان کانپوءِ خورشيد شاهه سان مخالف ڌر جي ميمبرن واري واري سان پهچي ملاقات ڪئي، جڏهن ته ن ليگ جو پارلياماني ليڊر خواجا آصف، ن ليگ جو شيخ روحيل اصغر احترامن خورشيد شاهه سان جهڪي سندس گوڏن تي هٿ رکي مليا، خورشيد شاهه سان قومي اسيمبلي جي ايوان ۾ مخالف ڌر کانسواءِ اڪثر حڪومتي ميمبر به سندس سيٽ تي وڃي مليا جن ۾ پي ٽي آءِ راجا رياض، نور عالم خان، شير اڪبر خان، امجد نيازي، عثمان خان ترڪئي ۽ ٻيا، جڏهن ته جي ڊي اي جي غوث بخش مهر، بلوچستان عوامي پارٽي جي خالد مگسي، ايم ڪيو ايم جي صلاح الدين، صابر قائمخاني، بلوچستان مان آزاد حيثيت ۾ چونڊيل اسلم ڀوتاڻي ۽ ٻيا خورشيد شاهه سان وڃي مليا ان کانپوءِ اڳوڻي صدر آصف زرداري جي به ڊگهي وقت کانپوءِ ايوان ۾ آمد تي سندس ڊيسڪون وڄائي استقبال ڪيو ويو، اڳوڻي صدر آصف زرداري سان گڏ سندس ڌيءَ آصفه ڀٽو ۽ شيري رحمان به آيا جيڪي مهمانن جي گيلري ۾ موجود هئا، آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو سان پي ٽي آءِ جي راجا رياض انهن جي سيٽ تي وڃي ملاقات ڪئي، ائين نيب هٿان گرفتار ٿيل خواجا آصف، سيد خورشيد شاهه ۽ علي وزير ڊگهي وقت کانپوءِ ڪالهه اجلاس ۾ شريڪ ٿيا. هوڏانهن اڳوڻي اپوزيشن ليڊر سيد خورشيد شاهه اجلاس ۾ ڳالهائيندي چيو ته ڊگهي عرصي کان پنهنجي تڪ جي عوام جي نمائندگي نه ڪري سگهيو آهيان، منهنجي گرفتاري جي مدت دوران 3 ناڻي وزير تبديل ٿيا، بجيٽ ۾ اربين رپين جا ٽيڪس لڳايا ويا آهن، ڪنهن به معيشت جو دارومدار انگن اکرن تي نه هوندو آهي پر اهو ڏٺو ويندو آهي ته عوام ڪيتري خوشحال آهي، 30- 32 سالن جي پارلياماني عرصي دوران ايوان ۾ تلخ ڳالهيون ٿيون پر جيئن هن ايوان ۾ جهيڙو ٿيو ائين ڪڏهن نه ٿيو، ايوان ۾ گاريون ڏيندي ميمبرن کي ٻڌو، مائرن ۽ ڀينرن ڪهڙو قصور ڪيو، مون هميشه پارليامينٽ جي بالادستي جي ڳالهه ڪئي آهي، هي پارليامينٽ آهي ته ملڪ آهي، مارشلا جو دور ناهي، اڄ ملڪ ۾ تعليم لاءِ رقم جي ڊي پي جي 1.79 سيڪڙو تي آهي، 93ع ۾ تعليم لاءِ خرچ جي ڊي پي جو 2.96 سيڪڙو تي هئا، تعليم ۽ صحت لاءِ بجيٽ هيٺ ڪرندي رهي، عوام لاءِ پاڻ کي صحتمند بنائڻ مشڪل ٿي ويو آهي، صحت ڪارڊ بابت هڪ وڏو اسڪينڊل ٺهندو.