احسن اقبال شهباز شريف بابت بلاول جي بيان کي ٻاراڻو قرار ڏئي ڇڏيو

0
213
Ahsan Iqbal

ن ليگ جي جنرل سيڪريٽري احسن اقبال پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر شهباز شريف بابت ڏنل بيان کي ٻاراڻو قرار ڏئي ڇڏيو، پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو آهي ته اپوزيشن جو ڪم هوندو آهي حڪومتي بجيٽ جي نقصن جي نشاندهي ڪري، اپوزيشن جي نشاندهي تي ساڍا 3 سئو ارب جا ٽيڪس واپس ورتا ويا، احسن اقبال چيو ته مهانگائي ۾ سڀ کان اهم ڪردار پيٽروليم شين جون قيمتون وڌائڻ جو هوندو آهي، هي بازيگر قوم کي وڌيڪ دوکو ڏيندا، حڪومت سڀ ادارن سان گڏ هائر ايجوڪيشن ڪميشن کي به تباهه ڪري ڇڏيو، هائر ايجوڪيشن ڪميشن جي سربراهه کي ان لاءِ هٽايو ويو ته هو حڪومت جي ڪرپش کي روڪي رهيو هو. هن چيو آهي ته سڀني کي خبر آهي ته شهبازشريف پنهنجي سئوٽ جي تدفين تي وڃڻو پيو جنهن ڪري هو قومي اسيمبلي ۾ پيش نه ٿي سگهيو، بلاول جو بيان عمر جي حساب سان ته ٺيڪ آهي پر پارٽي سربراهه جي حساب سان ٺيڪ نه آهي.