رپڙي (ن پ ا) رپڙي ڀرسان سيد ڌرين ۾گهٽيءَ جي معاملي تان جهيڙو، لٺيون ۽ ڪھاڙيون لڳڻ سبب ٻنھي ڌرين جا 8 ڄڻا زخمي، ڪيس داخل نه ٿي سگهي. رپورٽ موجب رپڙيءَ ڀرسان بھارو ٿاڻي جي حد ڳوٺ نورنگ شاھ ۾ گهٽيءَ جي معاملي تان عبدالستار شاھ ۽ بچل شاھ جي ڌرين وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو، نتيجي ۾ عبدالستار شاھ، غفار شاھ، فتح شاھ، عبدالقادر، ٻِي ڌر جا دلبر شاھ، نادر شاهه، ممتاز شاهه ۽ قاسم شاھ لٺيون ۽ ڪھاڙيون لڳڻ سبب زخمي ٿي پيا. بھارو پوليس زخمين کي ليٽر ڏئي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو آهي. ان ڏس ۾ قاسم شاھ جو چوڻ هو ته قديمي ڳوٺ جي گهٽيءَ جو چندو ڪري ڀراءُ پئي ڪرايو ته مخالفن جهيڙو ڪيو. ٻِي ڌر جي عبدالستار شاھ جو چوڻ هو ته گهٽيءَ ڀرسان ڪڻڪ جو فصل ڀيلجي پيو، منع ڪرڻ تان جهيڙو ٿيو آهي. زخمين کي علاج لاءِ اسپتال اماڻيو آهي، جوابدارن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو.