راڻيپور(رپورٽ: رضا راڄپر) راڻيپور ڀرسان مهراڻ هاءِ وي تان ٻن نوجوان کان موٽرسائيڪل ڦر ۽ فائرنگ واقعي خلاف سرڪي برادريءَ جو باب قومي شاهراهه تي دستگير وٽ احتجاجي مظاهرو، ٽائرن کي باهيون ڏئي ڌرڻو هڻي پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي. ٻن ڪلاڪن تائين هاءِ وي بند هجڻ سبب ٻنهي پاسن کان سوين گاڏيون بيهجي ويون. تفصيل موجب راڻيپور ڀرسان لال ڪاٽن فيڪٽري سامهون مهراڻ هاءِ وي تي ٽي اڻڄاتل هٿياربند موٽرسائيڪل سوار علي حيدر ۽ جانان سرڪيءَ کان ڏينهن ڏٺي موٽرسائيڪل ڦر ڪري فرار ٿي ويا. اهڙي واقعي خلاف علي حيدر سرڪي، مبين، شاهزيب، مجيب الرحمان، نماڻو سرڪي، زبير سهتو، قلب عباس سولنگي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ قومي شاهراهه تي ڌرڻو هڻي ٽائرن کي باهيون ڏئي سخت احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو. مظاهرين جو چوڻ هو ته راڻيپور ۾ بدامني وڌي وئي آهي، موٽر سائيڪل ڦر ۽ چوريون روز جو معمول بڻيل آهن پر پوليس ڪوبه ايڪشن کڻڻ لاءِ تيار ناهي. ڏوهارين خلاف سخت ڪارروائي تائين احتجاج جاري رهندو. ٻن ڪلاڪن بعد ايس ايچ او راڻيپور رحمت الله سولنگي ڌرڻي واري هنڌ پهچي مظاهرين سان ڳالهيون ڪري 48 ڪلاڪن اندر موٽرسائيڪل واپس ڪرائڻ جي خاطري ڏياري احتجاج ختم ڪرائي ڇڏيو.