ملير (رپورٽر)  ملير جي علائقي ريڙھي ڳوٺ ۾ سماجي تنظيم، ڊبليو ڊبليو ايف، اينگرو طرفان ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ڪرايو ويو، جنھن ۾ ريڙھي ڳوٺ ھٿان حيدري کي شڪست آئي.ريڙھي ڳوٺ اليون پھريان کيڏندي مقرر 12 اوورن ۾ 211 رنز جو حدف ڏنو، جڏھن ته جواب ۾ ابراھيم حيدري اليون جي بيٽنگ لائين فلاپ ٿي وئي۽ رڳو 132 رنز تي سموري ٽيم ڍير ٿي وئي. بھترين بيٽنگ جي ڪري ريڙھي ڳوٺ جي آصف علي کي مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو، جڏھن ته رنر ۽ ونر ٽيمن کي ٽرافيون ڏنيون ويون