خيرپور (رپورٽر) خيرپور ۾ قائد اعظم ڪرڪيٽ ٽرافي ۾ شاندار مقابلا جاري آهن. ان ڏس ۾ ٽورنامينٽ جو اھم ميچ سنڌ ڪرڪيٽ ڪلب ۽ ينگ اسٽار ڪرڪيٽ ڪلب وچ ۾ ٿيو. سنڌ ڪرڪيٽ ڪلب پھريان بيٽنگ ڪندي 189 رنسون ٺاھيون جنھن ۾ صفي الله 48 آصف بشير 43 شاھد 39 رنسون ٺاھيون، جواب ۾ ينگ اسٽار ڪلب  جي ٽيم فقط 123 رنسون ٺاھي سگھي، اھڙي طرح سنڌ ڪرڪيٽ ڪلب 66 رنسن تان ميچ کٽي ورتو. ان موقعي تي ظھير مري، ڪاشف جاگيراڻي، چاھت بلوچ، رائو امجد، غلام مرتضيٰ ڏھوٽ ۽ شھرين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي ۽ رانديگرن جي حوصلا افزائي ڪئي.