جمال شاھ(ن پ ا) حضرت جمال شاھ جيلاني جو 206هون ساليانو عرس 4 ڏينهن بعد پڄاڻي تي پهتو، ميلي ۾ ادبي ڪانفرنس، مشاعرو، صوفياڻي راڳ جي محفل، گهوڙن جي ڊوڙ ۽ بهترين ملاکڙو ٿيو، جنهن ۾ سنڌ ۽ پنجاب جي مشهور ملهه پهلوانن زور آزمائي ڪئي، ميلي ۾ ايم پي اي حاجي علي حسن زرداري، ڊپٽي ڪمشنر شهيد بينظيرآباد شهريار ميمڻ پڻ خصوصي طور تي شرڪت ڪري ملهه پهلوانن کي انعام ڏنا، پهريون دفعو ٿيندڙ ادبي ڪانفرنس ۾ اديبن، شاعرن، فنڪارن حضرت جمال شاھ جيلاني، حضرت بگو شير، حضرت غلام محمد گهوٽ حضرت سائين نالي وڏو نر ۽ حضرت قربان شاھ جيلاني جي زندگين تي نظم ۽ مقالا پيش ڪيا، صوفي فنڪارن پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو. پير آف جمال شاھ آصف شاھ جيلاني ۽ عمران شاھ جيلاني جمال شاھ جيلاني ايوارڊ ورهايا.