واشنگٽن (م ڊ) يوڪرين ۾ استعمال ڪيل  روسي ميزائلن ۾ آمريڪي چپ استعمال ٿيڻ ج انڪشاف ٿيو آهي جنهن بعد آمريڪا پنهنجي چپ جي استعمال جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. ترڪ ميڊيا جي رپورٽ موجب روس جيڪي يوڪرين تي ميزائل حملا ڪيا آهن انهن مان آمريڪي ڪمپني جي اليڪٽرانڪ ڊوائز ملي آهي جنهن تي آمريڪا ۾ ڳڻتي جي لهر پکڙجي وئي آهي ۽ ايف بي آءِ ان جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي ته اها ڊوائس روس ڪيئن وئي آهي؟