اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ پاران مهانگائي خلاف اڄ سڄي ملڪ ۾ رات جو 9 وڳي احتجاج ڪيو ويندو،  ان حوالي سان عمران خان چيو آهي ته احتجاج ۾ قوم سان گڏجي ايندڙ حڪمت عملي جو فيصلو ڪنداسين، تنبيهه ڪئي هئي ته بهتر ٿيندڙ معيشت کي عدم استحڪام جي ور چاڙهيو ويو ته حالتون ضابطي کان ٻاهر ٿي وينديون. ڪالهه پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي صدارت ۾ پارٽي ترجمانن جو اجلاس ٿيو، عمران خان پاڪستان کي ايف اي ٽي ايف جي گري لسٽ مان ڪڍڻ لاءِ ڪوششون ڪرڻ تي حماد اظهر کي مبارڪون ڏنيون. اجلاس ۾ معيشت جي تباهي  ۽ مهانگائي سوڌو پيٽروليم اگهن ۾ واڌ خلاف عمران خان پاران ڏنل احتجاج جي سڏ تي به غور ڪيو ويو، عمران خان چيو ته وبا ۽ عالمي مهانگائي سامهون تحريڪ انصاف جي حڪومت ڍال بڻجي پنهنجي ماڻهن کي بچائيندي رهي، پر لٽيرن پنهنجون تجوريون بچائڻ لاءِ ملڪ کي گروي رکي عوام تي مهانگائي جو عذاب نازل ڪري ڇڏيو آهي،  هن چيو ته پنهنجون ملڪيتون ملڪ کان ٻاهر رکڻ وارن کي عوام جي مشڪلاتن، ملڪ جي مستقبل جو ڪو فڪر ناهي، تحريڪ انصاف پنهنجي ماڻهن تي ڏينهن ڏٺي جو ظلم برداشت نه ڪندي، اڄ آچر ڏينهن تي ٿيندڙ احتجاج ۾ قوم سان گڏجي ايندڙ حڪمت عملي جو فيصلو ڪنداسين، ظلم، جبر ۽ طاقت سان عوام کي پنهنجي حق لاءِ آواز بلند ڪرڻ کان روڪي نه ٿو سگهجي، هن چيو ته گذريل ٻن مهينن جي واقعن، سازش جي هر ڪردار ۽ ان جي هدف کي وائکو ڪيو آهي، بنا تياري جي سازش سان حڪومت تي قبضو ڪندڙ لشڪر پنهنجي چوري بچائڻ لاءِ قوم جو مستقبل داءَ تي لڳائي رهيو آهي، پاڻ کي اقتدار ۾ اچڻ لاءِ ادارن کي بدترين تباهي جي ور چاڙهيو پيو وڃي. عمران خان چيو ته اسان تنبيهه ڪئي هئي ته بهتر ٿيندڙ معيشت کي عدم استحڪام جي ور چاڙهيو ويو ته حالتون ضابطي کان ٻاهر ٿي وينديون، سازش سان اقتدار ۾ آيلن معيشت کي تباهه ڪيو آهي،اجلاس ۾ قرار ڏنو ويو ته اظهار راءِ جي آزادي خاص طور تي سوشل ميڊيا تي شهرين کي حراسان ڪرڻ جي مذمت ڪيون ٿا، ڪراچي ۾ ٿيل ضمني چونڊن ۾ عوام جي مڪمل لاتعلقي ۽ پرامن طريقي سان چونڊون ڪرائڻ ۾ اليڪشن ڪميشن جي ناڪامي تي به ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو، قبائلي ضلعن جي بجيٽ ۾ 21  ارب رپين جي ڪٽوتي جي به مذمت ڪئي وئي. هوڏانهن پي ٽي آءِ جي نائب صدر فواد چوڌري چيو چيو آهي ته اڄ سڄي ملڪ ۾ احتجاج ٿيندو، وڏن شهرن ۾ ملتان جي چوڪ شاهه عباس، ڪراچي ۾ شاهراهه قائد، لاهور ۾ لبرٽي چوڪ، فيصل آباد ۾ گهنٽا گهر، راولپنڊي ۾ ڪمرشل مارڪيٽ، اسلام آباد ۾ ايف نائين پارڪ ۾ احتجاج ٿيندو.

اسلام آباد (م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم عمران  خان چيو آهي ته فيٽف لاءِ جڏهن بل اسيمبلي ۾ آندو ته هنن واڪ آئوٽ ڪيو هو، فيفٽ بل جي آڙ ۾ هنن اين آر او گهريو هو، نواز شريف جهڙن ماڻهن کي مرضي جو آرمي چيف لڳائڻ جي ضرورت پوندي آهي، هڪ انٽرويو ۾ هن وڌيڪ چيو ته شروع کان چئي رهيو هيس ته اسان کي آمريڪي جنگ ۾ شامل نه ٿيڻ گهرجي، 80ع جي ڏهائي ۾ سوويت يونين خلاف ويڙهه کي جهاد چيو ويو، افغانستان ۾ آمريڪا پهچي ويو، ان خلاف ويڙهه کي دهشتگردي چيو ويو، آمريڪا ويو ته سوويت يونين خلاف وڙهندڙ اسان خلاف ٿي ويا، اقتدار ۾ آيس ته مون چيو امن ساٿ ڏينداسين، جنگ ۾ نه، 20 سالن کان نظريو آهي ته پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي آزاد هجڻ گهرجي، منهنجو نظريو آهي ته پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي پاڪستاني عوام لاءِ هجڻ گهرجي،  هن چيو ته ملڪ جي خودداري تي سودو ڪرڻ هو ته سٺو هو وزيراعظم ئي نه ٿيا ها، اهي ڪير ٿيندا آهن جو چون روس جو دورو نه ڪريو، ڀارت آمريڪا جو پارٽنر آهي اهو روس کان تيل خريد ڪري سگهي ٿو ته پوءِ اسان ڇو نه؟ مون کي 22 ڪروڙ پاڪستانين چونڊيو هو، ملڪ هميشه خوداري ۽ غيرت سان مٿي ايندو آهي جوتا پالش ڪرڻ سان ملڪ ترقي ناهي ڪندو، منهنجي دل غلامي نٿي مڃي، عمران خان چيو ته پهريون ڀيرو اقتدار ۾ آيس، اسان کي ڪيترائي مسئلا هئا، اسان ڪنهن جي جنگ ۾ شريڪ ٿيون ها ته ترقي وسري وڃِي ها، سيڙپڪاري ته ڇڏيو ڪا ڪرڪيٽ ٽيم به پاڪستان نه اچي ها.هن چيو ته مشرف اين آر او پنهنجي ڪرسي بچائڻ لاءِ ڏنو هو، پهرين اين آر او بعد هنن 10 سال ملڪ کي لٽيو، هنن هڪٻئي تي ڪيس ٺاهيا، مون چيو ته ڀلي حڪومت وڃي اين آر او نه ڏيندس. عمران خان چيو ته فيٽف لاءِ جڏهن بل اسيمبلي ۾ آندو ته هنن واڪ آئوٽ ڪيو هو، فيفٽ بل جي آڙ ۾ هنن اين آر او گهريو هو، هن چيو ته خرم دستگير سچ ڳالهايو، خرم دستگير جي واتان سچ نڪري ويو، خرم دستگير چوي ٿو ته عمران خان کي ججز رکي اسان جا ڪيس اڪلائڻا هئا، خرم دستگير چوي ٿو ته اسان سڀ جيل وڃون ها ان ڪري عمران کي هٽايو، کيس چوان ٿو ته شڪر آهي اوهان ۾ سچ ڳالهائڻ جي طاقت اچي وئي آهي، پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته وزيراعظم هيس ته آرمي چيف تي مشاورت تي پري جي ڳالهه سوچيو به نه هو، مون کي ڪهڙي شيءِ جو ڀئو آهي جو پنهنجي مرضي جو آرمي چيف آڻيندس، نواز شريف جهڙن ماڻهن کي ڀئو هوندو اهي اهي اهڙيون حرڪتون ڪندا آهن، انهن کي اهڙو آرمي چيف گهرجي جيڪو ساڻن گڏ بيهي، نواز شريف جهڙا ماڻهو چاهيندا آهن ته فوج پنجاب پوليس بڻجي وڃي، هن چيو ته افغانستان جو فڪر هو، آمريڪي جي نيڪالي بعد اتي رتوڇاڻ ٿئي ها ته پاڪستان تي سڄو اثر پوي ها، آئون چاهيان پيو ته آمريڪا جي نيڪالي تائين جنرل فيض حميد ڊي جي آءِ ايس آءِ رهي، ڪڏهن اهو نه چيو ته ڪنهن کي ڊي جي آءِ ايس آءِ يا آرمي چيف مقرر ڪيو وڃي، هن چيو ته سازش وارا سمجهي رهيا هئا ته مون کي هٽائيندا ته مٺائي ورهائي ويندي، بينظير ۽ نواز شريف جي حڪومت وڃڻ تي ماڻهو خوشيون ملهائيندا هئا، مون کي هٽايو ويو ته تاريخي جلسا ٿيا، تڏهن پلان بي ٺاهيو ويو، بند ڪمري ۾ فيصلو ڪيو ويو ته هاڻي عمران خان کي رستي تان هٽائڻ گهرجي،  عمران خان چيو ته سازش جي خبر پئجي وئي هئي ان ڪري وڊيو رڪارڊ ڪرائي محفوظ هنڌ رکرائي، وڊيو ۾ سازش جي سمورن ڪردارن جو واضح ذڪر آهي، الله تي ايمان آهي منهنجي جان الله جي هٿ ۾ آهي.