ڪابل (م ڊ) پاڪستان ۽ پابندي پيل تنظيم ٽي ٽي پي وچ ۾ ڳالهيون مڪمل ٿي ويون. افغان حڪومت  نتيجا نڪرڻ جي اميد ظاهر ڪندي دعويٰ ڪئي آهي ته ٽي ٽي پي ڊگهي جنگبندي لاءِ راضي آهي. خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي افغان طالبان جي ترجمان ذبيح الله مجاهد چيو ته پاڪستاني اختيارين ۽ ٽي ٽي پي وچ ۾ ڳالهيون 2 ڏينهن اڳ مڪمل ٿي ويون، امڪان آهي ته هن ڀيري ڳالهيون ڪنهن نتيجي تي پهچنديون. ذبيح الله مجاهد چيو ته پاڪستان حڪومت ۽ ٽي ٽي پي وچ ۾ ڳالهين ۾ اسان ٽياڪڙي جو ڪردار ادا ڪري رهيا آهيون، ڳالهيون ناڪام ٿيون ته ڪنهن کي به افغان سرزمين پاڪستان خلاف استعمال ڪرڻ نه ڏينداسين. افغان ترجمان وڌيڪ چيو ته پاڪستاني طالبان اڻ اعلانيل مدي تائين ڊگهي جنگبندي جو اعلان ڪري چڪا آهن، جنگبندي سبب حملن جو سلسلو رڪيو آهي ۽ هو ڊگي جنگبندي ڪرڻ لاءِ به راضي آهن.