روزي جي حالت ۾ واڪ ڪري چندو گڏ ڪندڙ 101 ورهين جي پيرسن جا چرچا

0
467

لنڊن (ڊيسڪ رپورٽ) برطانيه ۾ اڄڪلهه دبير الاسلام نالي هڪ 101 سالن جي بنگلاديشي پيرسن جو تمام گهڻو چرچو آهي جيڪو روزي جي حالت ۾ واڪ ڪري ڪورونا وبا خلاف فنڊ گڏ ڪرڻ ۾ مصروف آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ، دبير الاسلام گذريل لاڪ ڊائون دوران 420،000 پاؤنڊ جمع ڪيا هئا ، پر هاڻي 101 سالن جي انسان دنيا کي هڪ نئون چئلينج پيش ڪيو آهي ، جنهن تحت دبير الاسلام ايندڙ هفتي ڏيڍ لک قدم هلندو. ميڊيا رپورٽن مطابق دنيا جا 150 شهر گلوبل واڪ چيلنج جو حصو هوندا ۽ ڪورونا خلاف فنڊ گڏ ڪندا. دبير الاسلام چوڌري جي چيلينج هيٺ گڏ ڪيل فنڊز کي عالمي سطح تي ڪورونا کان متاثر ٿيل ماڻهن ۽ پناهگيرن جي ڪئمپن ۾ ورهايو ويندو.