ٽنڊوباگو (ن پ ا) ٽنڊوباگو لڳ خان شاھ روڊ تي پورهيت گلاب ريٻاري کي هٿياربند يرغمال بڻائي موٽر سائيڪل ڦر ڪري فرار ٿي ويا، متاثر ڀرواري ڳوٺ ۾ پهچي پوليس کي اطلاع ڪيو، جنهن بعد پوليس ناڪابندي ڪري ٻن ڦورن مريد خان چانڊيو ۽ نياز حسين شاهه کي گرفتار ڪري ڦريل موٽر سائيڪل هٿ ڪري ورتي آهي.