رتوديرو ۾ 14 ورهين جي نينگر جو تشدد ٿيل لاش هٿ

0
215

رتوديرو (ن پ ا) رتيديري جي موٽڻ پور جي رهواسي 14 ورهين جي نينگر ڪشمير پٽ شھمير لاشاري جو نادر شاه محلي جي نالي مان تشدد ٿيل لاش هٿ آيو آهي، اهڙو اطلاع ملڻ تي پوليس لاش ڪڍي تعلقه اسپتال رتوديرو آندو، ٻڌايو پيو وڃي ته نينگر رتيديري جي بازار ۾ دڪان تي مزدوري ڪندو هيو جيڪو ڪالھ شام به دڪان تان موٽي گهر آيو ۽ پوءِ ٻاهر نڪري ويو هو، اڄ سندس جو تشدد ٿيل لاش نالي مان مليو آهي .