ميرپورخاص ۾ هٿياربندن فائرنگ ڪري پوليس جمعدار کي قتل ڪري ڇڏيو

0
220

ميرپورخاص (ن پ ا) ميرپورخاص ۾ هٿياربندن فائرنگ ڪري پوليس جمعدار کي قتل ڪري ڇڏيو، غريب آباد پوليس ٿاڻي جي ھيڊ ڪانسٽيبل تي نامعلوم ھٿيار بندن هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا، جنهن جي نتيجي ۾ گوليون لڳڻ سبب ذوالفقار سومرو مارجي ويو، واقعي جي اطلاع تي پوليس پهچي مقتول اهلڪار جو لاش سول اسپتال منتقل ڪيو، پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي بابت جاچ جاري آهي.پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته ذوالفقار ڊيوٽي ڪري موٽرسائيڪل تي پنهنجي چاھيندڙ جي گھر پھتو ته ھٿيار بند اڳ ئي بيٺل ھئا، جن فائرنگ ڪري ڏني ۽ گوليون لڳڻ سبب هو مارجي ويو، ڊيوٽي ڪرڻ بعد ھر روز اھلڪار پنهنجي چاھيندڙ جي گھر ويندو ھو، پوليس جو چوڻ آهي ته مقتول اهلڪار جي چاھيندڙ ناري کي پنهنجي حراست ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي آھي.