راڄوخاناڻي (ن پ ا) مڪاني چونڊ ويجھو ايندي ئي راڄوخاناڻي ۾ سياسي سرگرميون تيز ٿي ويون آهن، ان ڏس ۾  ايم پي اي ھائوس راڄوخاناڻي کان پ پ ايم پي اي الله بخش ٽالپر جي اڳوڻي ۾ ٽائون ڪاميٽي راڄوخاناڻي جي چئني وارڊن تي بيٺل اميدوارن سان گاڏين ۽ موٽرسائيڪلن جي ريلي ڪڍي وئي، جيڪا مختلف گوٺن خانواھ ، اوٺا ڪولھي، سائين مھتاب شاھ ،  گلڻ فقير ڇلگري ۽ ساجن سوائي کان ٿيندا واپس ايم پي اي ھائوس پھتا، ان موقعي تي الله بخش ٽالپر ۽ چئني وارڊن تي بيٺل اميدوارن عرفان ٽالپر، حسنين ٽالپر،  فيصل ٽالپر ۽ مير علي رضا ٽالپر چيو ته 15 جنوري تي راڄوخاناڻي سميت بدين  ۾ پ پ جا اميدوار ئي ڪامياب ٿيندا .