ڪڙيوگهنور/کورواهه (نمائندن وٽان) زرداري ليگ اقتدار خاطر سنڌ ڌرتي کي ٽڪرا ڪرڻ جي چڪر ۾ آهي، اسان زرداري ليگ کي ٻڌائڻ ٿا چاهيون ته سنڌ ڪنهن جي جاڳير نه آهي، سنڌ سنڌي قوم جي آهي، سنڌي ماڻهون سنڌ خلاف ڪوبه اهڙو فيصلو قبول نه ڪندا، اهڙن خيالن جو اظهار جي ڊي اي اڳواڻ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا کورواھ ۽ ڪڙيو گهنور ۾ جلسن کي خطاب ڪندي ڪيو، هن چيو ته سنڌ تي قابض ٽولي برساتن ۾ سنڌ کي هٿ سان ٻوڙائي ماڻهن کي دربدر ڪيو هن وقت تائين انهن جي سار نه لڌي وئي آهي، اٽو 150 رپيا ڪلو ٿي ويو آهي، ماڻهون بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن ، هن چيو ته سنڌي ماڻهو  کي هاڻي پهنجي ٻچن جي مستقبل لاءِ سوچڻو پوندو،  عوام مڪاني چونڊ ۾  منهنجي بيهاريل اميدوارن کي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪرائي. مخالفن جون  ضمانتون ضبط ڪرائينداسين.