ٿاڻوبولاخان (ن پ ا) يونين ڪائونسل ٿاڻو عارب خان جي ديھه پوکڻ جي علائقي کئيجي ۾  بلدياتي اليڪشن جي سلسلي ۾ گبول برادري طرفان شاندار جلسو منعقد ڪيو ويو، جلسي  ۾ پ پ پ اڳواڻ ملڪ سڪندر، نبيل احمد گبول، قادر بخش گبول سميت ھزارين ماڻھن شرڪت ڪئي، ان موقعي تي جلسي کي خطاب ڪندي نبيل احمد گبول چيو ته   پ پ تبديلي آڻي سگهي ٿي،  مخالف ڀلي ڪيتريون ڪوششون ڪن پر هو ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندا، ڪوهستان جي عوام پ پ پ سان گڏ آهي،  مخالف کوکلا نعرا لڳائي عوام کي بيوقوف بڻائي رهيا آهن، عوام پ پ اميدوارن کي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪندو، ملڪ سڪندر خان جونيئير چيو ته ڪوهستان جي عوام هميشه پ پ پ کي ڪامياب ڪيو آهي، هن ڀيري به عوام پ پ پ اميدوارن کي ڪامياب ڪري مخالفن کي شڪست ڏيندي 15 جنوري تي پ پ پ جي ڪاميابيَ جو ڏينهن آهي.