ميرپوربٺورو (ن پ ا) ميرپور بٺورو جي يونين ڪائونسل ڪنڊور تي پيپلزپارٽي جا سڀئي اميدوار بنا مقابلي ٿي ويا، جڏهن ته ٽائون ڪاميٽي بٺورو جي 4 وارڊن ۽ 6 يونين  ڪائونسلن  تي بلدياتي اليڪشن ٿي رهي آهي، جنهن ۾  پيپلزپارٽي، جي يو آءِ، آزاد، پي ٽي آءِ  ۽ قومپرست پارٽين جا اميدوار هڪٻئي سامهون بيٺل آهن، ٽائون بٺورو جي 4 وارڊن تي پ پ ۽ جي يو آءِ جي، ۽ قومي عوامي تحريڪ جي اميدوارن ۾ ۾ اليڪشن ٿيندي، جڏهن ته ٽائون بٺورو جي وارڊ هڪ تي جي يو آءِ جي اميدوار مولوي طفيل احمد کٽي ۽ ميان کٽي ۾ دلچسپ مقابلو ٿيندو،  اميدوارن پاران ڪارنر گڏجاڻيون به ڪوٺايون پيون وڃن، سڀني اميدوارن ورڪ مهم تيز ڪري ڇڏي آهي.