ملڪاڻي شريف (ن پ ا) عوامي شاعر نياز محمد پتافي جي 26 هين سالگرهه جو ڪيڪ نيشنل پريس ڪلب ۾ ڪاٽيو ويو، تقريب ۾ شاعر نياز پتافي پنهنجي شاعري آواز ۾ ڳائي ٻڌائي، ان موقعي تي شاعر نياز محمد پتافي پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي  چيو ته شاعر ٿيڻ جو سبب عشق آهي، منهنجا هزارين ڪلام سنڌ جي مشهور فنڪارن ڳايا آهن، هن چيو ته اسڪول ۾ پڙهڻ دوران  استاد مرحوم عبدالقادر جوڻيجو منهنجو هٿ ڏسي چوندو هو ته يا ته ڊاڪٽر ٿيندي يا شاعر ،نياز پتافي چيو ته شاعري اندر جي اڌمن جو آواز آهي، هڪ سوال جي جواب ۾ نياز پتافي چيو ته عشق ۾ ناڪامي ٿي، پر عشق ۾ شاعري ڪئي اها ڪاميابي ٿي، جنهن ڪري ائين سمجهان ٿو عشق منهنجو ڪامياب ٿيو آهي.