دوڙ (ن پ ا) برسات جو پاڻي نيڪال نه ٿيڻ ۽ سم نالن کي غير قانوني بند ڪرڻ خلاف برسات متاثرن مهراڻ هاءِ وي کان هڪ ڪلوميٽر پيادل مارچ ڪري پريس ڪلب وٽ احتجاجي ڪيمپ قائم ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي، ان موقعي تي عبدالجبار ڏاهري، ظفر اقبال، غلام قمبر مري، غلام حسين ڏاهري ۽ ٻين چيو ته سندن ڪيترائي ڳوٺ برساتي پاڻي ۽ سم نالن جي پاڻي ۾ ٻڏا پيا آهن، پر ڪير به سار لهڻ وارو ناهي، هنن چيو ته علائقي واسين جو زميني رابطو ڪٽيل هجڻ ڪري اهي سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن، هنن چيو ته بااثرن سم نالن جي وهڪرن کي بند ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ڪري ڳوٺن ۾ 4 کان 5 فوٽ پاڻي بيٺل آهي، هنن مطالبو ڪيو ته پاڻي نيڪال ڪرائي مسئلو حل ڪيو وڃي.