حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌياڻي تحريڪ مطالبو ڪيو آهي ته صحت کاتي ۾ وڌ کان وڌ ڀرتيون ڪري موبائيل ڊسپينسريون قائم ڪيون وڃن ته جيئن ٻوڏ متاثرين جو بهتر نموني علاج ٿي سگهي. پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ سڀاني ڏاهري، سنڌو ملاح ۽ ٻين چيو ته سنڌ ۾ دوائن جي کوٽ پيدا ٿي وئي آهي. فوري طور کوٽ ختم ڪري متاثرن کي علاج جون سھولتون فراھم ڪيون وڃن. هنن چيو ته خيما بستينه اسڪولن توڙي ڪاليجن ۾ قائم رليف ڪئمپن ۾ ترسيل متاثرين هن وقت مختلف بيمارين ۾ مبتلا بڻجي ويا آهن جنهن ڪري موبائيل اسپتالون قائم ڪرڻ سان گڏ ٻوڏ متاثرن کي صحت جون ٻيون سھولتون به ڏنيون وڃن. هنن چيو ته هن وقت متاثر علائقن توڙي رليف ڪئمپن ۾ مليريا، گيسٽرو ۽ چمڙي جھڙين بيمارين وبائي صورت اختيار ڪري ورتي آھي جنهن ڪري ڪيترائي ماڻهو فوت ٿي رهيا آهن. انساني حقن جي تنظيمن توڙي سرڪار کي گهرجي ته هو صحت کاتي جي انسان دشمن قدمن جو نوٽيس وٺي.