ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ پاڪستان چوڪ تي واقع قديم عمارت رقيه منزل جي زبون حال هئڻ باوجود قديم آثارن واري کاتي پاران عمارت جي ٻيهر اڏاوت ۾ رڪاوٽ وجهڻ خلاف داخل ڪيل درخواست تي سنڌ حڪومت ۽ قديم آثارن واري کاتي کي نوٽيس جاري ڪري جواب داخل ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. ڪالهه عمارت جي مالڪياڻي  عذرا تسليم موقف اختيار ڪيو ته رقيه منزل منهنجي ملڪيت آهي،  عمارت زبون حال هئڻ سبب ان جو هڪ حصو ڊهي پيو آهي. آئون قديم عمارت کي ڊاهي ٻيهر اڏڻ چاهيان ٿي، قديم آثارن وارو کاتو رڪاوٽ وجهي رهيو آهي،  ٻئي طرف قديم آثارن واري کاتي جي دعويٰ آهي ته اها عمارت  قديم ورثو قرار ڏنل آهي